تونسه بئراج

تونسه بئراج: هيءُ بئراج، سنڌو درياهه تي، صوبي پنجاب ۾ تونسا شريف وٽ تعمير ڪيل آهي. تونسا بئراج 346 فوٽ ڊگهو آهي ۽ ان جي ٻنهي ڪنارن تي نهرون تعمير ٿيل آهن. هي بئراج 1953ع کان 1963ع واري عرصي ۾ تعمير ٿيو ۽ ان تي تقريباً 23 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. هيءُ بئراج پنجاب جي 20 لک ايڪڙ ايراضيءَ کي پاڻي پهچائي ٿو .


لفظ تونسه بئراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو